ايڪائيءَ ۽ هڪ ٿيو
Posted on: November 26, 2007
- In: بيدل
- Leave a Comment
پوئين مئي جي مهيني ۾ مان سنڌ ويس. اتي سچل جي درگاهه ۽ بيدل جي درگاهه تي حاضري ڀري. بيدل جي درگاهه تي ٻه گاديون هيون، هڪڙا ملن جي ٻي صوفين جي! هڪڙي روايت آهي ته؛
هڪڙي ڀيري بيدل فقير گهمندي گهمندي وڃي پني عاقل پُڳو. اتي هڪ عالم ۽ عامل مولوي عبدالقادر رهندو هيو جنهن کي جڏهن خبر پئي ته هڪ فقير آيو آهي ڳوٺ ۾ ته کڻي حال احوال لئه سڏايائينس. هاڻي فقير ته هيو ئي فقير سو وڃي حاضري ڀريائينس. مولويءَ پڇيس ”ابا ڪٿي ويٺو آهين؟“ فقير چيس ”روهڙيءَ ۾“. مولويءَ چيس ”اُتي جتي جان الله شاهه رهندو هيو ۽ پاڻ کي الله سڏائيندو هيو“، فقير ورندي ڏنائينس ”هائو“. مولويءَ پڇيس ”پوءِ مري ڇو ويو؟“ فقير وراڻيس ”الله جو هي به گهر، هو به گهر، وڻيس ته هن گهر ۾ رهي، وڻيس ته هُن گهر ۾ رهي“
ايڪائيءَ ۾ ايڪُ ٿي، سَڀائي صفات
دينُ ڪُفُر نابود ٿيو، طَيءِ ٿي طلسمات
دوُر ڪري درجات، مڙيائي مُحيط ٿيو.
ايڪائيءَ ۾ ايڪُ ٿيو، سَڀو ڏوههُ ثوابُ،
هستيءَ جو حجابُ هَمه منجه هٽجي ويو
.
ايڪائيءَ ۾ ايڪُ ٿيو، بيرَنگي ۽ رَنگُ،
وحدَتَ ۾ زائل ٿيو، دُوائيءَ جو زنگُ،
مُلا ۽ مَلَنگُ، حقيقت ۾ هِڪُ ٿيا.
حقيقت ۾ هِڪُ ٿيو، ڪُفُر ۽ اِيمانُ،
مَظهَرُ موليٰ پاڪَ جي هندو مسلمانُ،
تارا ڪيا، تالانُ، سوُرَجِ سندي سوجهرو.
حقيقت ۾ هِڪُ ٿيو، اَڇو ۽ ڪارو،
نيِنهنَ هَنيو نَعرو، هَرِ مَظهَرَ ۾ هڪڙو.
حقيقت ۾ هِڪُ ٿيو، نُوري ۽ ناري،
دِينُ ڪُفر آهن ٻئي، ڄَڻ هڪ وڻ جي ٽاري،
حاذق هوشياري، رکين اِنهيءَ رموز جي.
حقيقت ۾ هِڪُ ٿيو، بيراهي ۽ راهه…
نالي مٿان ليڪ واري ڇڏيو
Posted on: February 8, 2007
ڪجهه دوستن مون کان پڇيو ته مان هن بلاگ ۾ پنهنجو نالو ڇو نه رکيو آهي. منهنجي اکين اڳيان ڀٽ جي درگاهه جي سامهون وارو ميوزيم ڦرڻ لڳيو. جت هاڻي شيخ اياز جي ڳوري قبر آهي. ڳوري مون ان لاءِ چيو جو سندس مزار وڃي هڪ طرف ويهندي. لڳي ٿو اياز جي شروع وارن ڏينهن ۾ لکيل شاعري نه صرف ماڻهن لاءِ پر هن جي قبر لاءِ به ڳوري آهي. هڻي ماڻهن جي مٽي ڳوهيائين.
ڳالهه پئي هلي ڀٽ جي ميوزيم جي، جت مون ڪيئي نانوَ سواءِ سُگهَڙَ ڏٺا آهن. ويٺا چُپڙي ڪري ناتو نڀائين. هڪ هڪ سٽ کڻي ويٺا پتوڙين. هڪ ڀيري مان به وڃي ويٺو مان ڪچهري ۾، مون سمجهيو پئي ته مان به ڪي ڊڳ ڪتاب پڙهيا آهن سو منهن ڏئي ويندو مان. ٻڌڻ شروع ڪيو ته ڳالهائڻ ئي ڪونه پيو نڪري. چيم ته چپڙي ڪري ڪچهري مان سکان. هڪ هڪ اکر کي کوٽن پيا. نانو ڪنهنجو به مون کي ڪونه هئي خبر. درگاهن تي فقير نانو پويان ڇڏي ايندا آهن، ڪچهرين ۾ سُگهڙ نانو وڃائي ويهندا آهن ۽ حوالن ۾ نانو وساري ويهندا آهن.
ڏهن ويرين وچ ۾ آيو آهه انسان
Posted on: February 5, 2007
شاهو فقير
روحل جو وڏو پٽ، روحل جو مريد ۽ ساڳي تصوف جي راهه تي هلندڙ. جهنگ ۾ ويهي ڪلام پڙهندو هيو. روحل سان سوال جواب لکيائين تصوف تي. اهي ڪڏهن پوءِ لکندس. پوئين سال سياري ۾ آءٌ جهوڪ ويس ته اتي گهڻا ئي فقير شاهه عنايت جي درگاهه تي آيا. ڪي سگهڙ به هيا. صبح اٿندي ئي ڪلام شروع. جهوڪ جي درگاهه جا شيدائي گهڻيئي آهن، ٻين درگاهن وارا به. آتي هڪڙي فقير کي ڳچ ڪلام ياد هيو ڪنڊڙيءَ وارن جو. حوال ڪندي ٻڌايائين ته اصل اُڏيري لعل جي درگاهه جو آهي، پر ڪندڙي ۽ جهوڪ جا پيو دڳ ڀريندو آهي. جڏهن ان شاهو جو ڪلام پڙهڻ شروع ڪيو ته منهنجا ڳوڙها نه بيهن. ان ڪلام مان هڪڙو جيڪو منهنجي دماغ تي ويهجي ويو آهي هو عرض ڪجي ٿو. ويرين ۾ ٻه ويري، وتري واري زال ۽ بيٽو بي فرمان، ٻڌايل آهن، جن تي پڙهندڙن کي آءٌ سڏ ڏيندس ته اُهي پنهنجو خيال پيش ڪن…
مون کي ڏونگر ڏس ڏين ٿا
Posted on: February 4, 2007
فقير دريا خان جيڪو ڪنڊڙيءَ شريف جي درگاهه جو آهي، روحل فقير جو پٽ. سندس ڪلام سرائڪي، هندي، ۽ سنڌيءَ ۾ آهي. سر سسئي ۾ فقير دريا خان نه صرف منزل پر رستن جي ساراهڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. جي رستي جا ڏونگر منزل جو ڏس ڏين…
مون کي ڏونگر ڏس ڏين ٿا، ڙي آيل آديسين جو،
ٻڌي سندرو سچ جو، جي ڪهن سي لهن ٿا.
ووڙ ته لهين ورکي، چاري هيئَن چون ٿا.
چڙهي جبل چوٽ تي، مٿان روح رَمن ٿا.
دريا خان عين عجيب ري، روئڻان ڪين رهن ٿا.
اَگياني تي سلوڪ
Posted on: January 24, 2007
اَگياني تي سلوڪ
(1)
غيرَتَ مَنجهه غَرَقُ، رَهَنِ جيءَ جهانَ جا،
پوُڄِنِ پيرَ فقيرَ کي، رَکي ڦيرُ فَرَقُ،
عاشِقَ چَڙهيا اَڇَ تي، لِنوَ سان ٻَڌي لَڪُ،
اَندَرِ ٻاهَرِ هِڪُ، سامي ڏِسَنِ سُپريِن.
ٽِه سِٽا
Posted on: January 24, 2007
محبت جي وٽي
Posted on: January 24, 2007
صاحبڏنو
ملا، جي محبت جي وَٽي هِڪَ پيئين،
ڇڏي مڪتب معرڪو سوريءَ سر ڏئين،
ڪيئن ٿو تون جيئين ريءَ سِڪَ ”صاحبڏنو“ چوي!
چوء سٽا
Posted on: January 23, 2007
- In: استاد بخاري
- 1 Comment
استاد جا جهنڊا
وجهو ڊوڙ هيڏي، اچو سڀ وڌي!
رني ڪوٽ مان تاج تختي لڌي،
پڙهو ڌيان سان ان جا سونا اکر،
لکيل لفظ آهن ته ”سنڌي .. ٻڌي“
هڪ پيار کي ٻيو پاپيءَ کي
Posted on: January 23, 2007
تمام خوبصورتيءَ سان چيل آهي هڪ اهم، گهرو، پر ڄاتل سڃاتل احساس. سادي پر پياري ۽ اثرائتي ٻولي استعمال ڪيل آهي. استاد اسان جو هر هڪ جي دل تي راج ڪندو آهي. هن گيت ۾ ساڳئي احساس کي کڻي ڪري مختلف حلقن جي ماڻهن سان ڳندجڻ جي ڪوشش ٿو ڪري. مختلف شبيهون ڏئي احساس جي پائداري، گهڻائي، گهرائي (تاريخي هجڻ)، پر نماڻي هجڻ جو احساس پڙهندڙ کي هڪ دم ٿيو وڃي.
مان سندس سان بيماريءَ ۾ جڏهن مليو هيس، اکين ۾ تمام گهڻي گهرائي اچي وئي هيس، شايد زمانو اکين ۾ گهر ڪري ويو هجيس، يا ته سنڌ جي پيڙا جو اٿر هجيس، ڪيئن چئجي. جيئن پاڻ چئي ٿو ته ”هڪ پيار کي ٻيو پاپيءَ کي استاد جو پتو هوندءِ“
ادل سومرو
Posted on: January 23, 2007
”نئين ٽهيءَ جو اُهو شاعر آهي، فارسي ۽ اردو وزن کي لت هڻي، شعري روايات جي سارا زنجير ثوڙي ڇڏيا آهن ۽ پنهنجو ترنم، پنهنجي اندر جي آواز مان اُڀاريو آهي. اڄڪلهه جديد شاعر پاڻ تي ڪو به زنجير رکڻ نٿا چاهين. اُنهن جون اکيون کليل ۽ پير آزاد آهن. ادل سومرو انهن مان برک شاعر آهي.“ _ شيخ اياز
اُنهيءَ کي ڏسيٰ ڪو
ته هُن کي سنڀاريٰ
اونهاري، سياريٰ