بک عشق ۽ ادب هڪٻئي جا مِٽ آهن. ايڪويهين صديءَ جي جديد ڪمپيوٽر جي دور جو هڪ17 سالن جو نوجوان پنهنجي آتم ڪٿا لکي رهيو آهي. هن پنهنجي زندگي مشيني انداز ۾ گذاري آهن. 24 ڪلاڪن مان 18 ڪلاڪ ڪمپيوٽر جي سڪرين تي ويهي ڪري سنڌيءَ ٻولي لاءِ لکي ٿو، ڪمپوز ڪري ٿو ۽ پبلش ڪري ٿو. هُن پنهنجيون ذاتي امنگون ڪنهن اوڙاهه جي حوالي ڪري ڇڏيون آهن. ماڻهن جي نظر ۾ ته شايد انٽرنيٽ تي ٺاهيل
/
گهڙيل سندس ڪاڪ محل جي ڪا قيمت هجي به يا نه، پر سندس جي لاءِ زندگيءَ جو واحد ۽ قيمتي سرمايو اِهو ئي آهي. انٽرنيٽ جو ڪارڊ نه هجڻ . . . وري لائيٽ جو نه هجڻ . . . وڌندڙ معاشي بحران . . . ڪفايت قناعت سان گهر کي هلائيندڙ سندس امڙ . . . . پر ستن اٺن فردن تي مشتمل گهر لاءِ ذريعه معاش جو محدود هجڻ!
اِهي سڀ مشڪلاتون سندس لاءِ ڄڻ ته ڪاوا اُڀا ڪيو ويٺيون هجن. هن نوجوان جنهن کي پوري ريت خبر آهي ته اڳتي هلي ڪري مفلسي سندس مقدر بڻجندي. کيس اِها به خبر آهي ته هوءَ به انٽر ڪرڻ کان پوءِ اِتي ئي پنهنجن ڀائرن وانگر بيروزگاريءَ جا ڌڪا کائيندو ۽ پنهنجو ننڍڙو (ڪنڊ ۾) ڪمپيوٽر جو دڪان هلائيندو.
مان معذرت ٿو ڪريان ته اڄ جي هن بلاگ ۾ جيڪو ڪيترن ئي مهينن کان پوءِ لکي رهيو آهي، ۾ توهان کي جملن ۾ ربط نه ملندو. خيالن جو هڪ ٻئي سان ميلاپ ۽ جملن جي بيهڪ عجيب لڳندي. پر اڄ مان سوچي سمجهي ڪري لکي نه رهيو آهيان. منهنجو اندر ڪڏهن ڪڏهن مون سان جنگ ڪندو آ.
مان ٽين دنيا جي غريب پيل ديس جو واسي آهيان. مون پنهنجن وڏن کي به ائين ئي غربت ۾ زندگي گهاريندي ۽ بغير ڪنهن شڪايت جي زندگيءَ کي الوداع ڪندي ڏٺم، ۽ شايد مان به ائين ئي . . . . ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته حيرت آهي سنڌ جي غريب ماڻهن تي! جيڪي سڄي زندگيءَ غربت ۾ گهارڻ کان پوءِ به خدا خلاف ڪا حرفِ شڪايت نه ٿا اُڪلين. مون کي به خدا سان ڪا شڪايت ناهي. شڪايت ڪرڻ جو شايد حقُ به نه اٿم. منهنجو ديس ته
سونهارو ديس هو، هيرن جواهرن سان ڀريل ديس هو. پر کيس لُٽيو ويو. منهنجي ديس جا نوجوان هميشه بيروزگار به نه هيا، ۽ نه ئي هتي بيڏوهه نياڻيون ۽ نوجوان ڪاروڪاري جي رسم ذريعي ڪهاڙين جا گهاوَ کائي لانئون لهندا هئا.
شايد منهنجي ڪمزوري آهي يا ٻيو ڪجهه، جو مان پنهنجي انتهائي ذاتي ڳالهه ۾ به سنڌ ڌرتي ۽ ساڻس ٿيندڙ زيادتين کي دُهرائيڻ تي مجبور ٿي ويندو آهيان. ڇاڪاڻ ته منهنجي ذاتيات منهنجي قوميت سان ٻڌل آهن. سنڌ جي اندر مون کي ان ڪري به نوڪري نه ملندي جو مان سنڌي آهيان.
دوست چون ٿا ته تون عوامي تحريڪ جو ماڻهو آهي. ڪي چون ٿا ته تون جيئي سنڌ جو ماڻهو آهي. ڪي چون ٿا ته تون سيڪيولر آهين. پر مان ڇا آهيان؟ پنهنجيءَ نظر ۾؟ مان ڪجهه به نه آهيان. ٽن ڪروڙ سنڌين مان هڪ سنڌي! پنهنجيءَ زندگي سان ٿيندڙ تماشا ڏسندڙ عوام جو هڪ حصو. اهڙو بدنصيب عوام جنهن جي قسمت جا فيصلا پنهنجن جي واتن مان پڻ ٻيا ئي ڪرائيندا آهن. مان تماش بين آهيان. وڏي ليڊر جي استقبال ۾ تاڙيون وڃائيندو آهيان. هر ويندڙ حڪومت جي وڃڻ جي خوشيءَ ۾ مٺائيون ورهائيندڙ عوام آهيان. هر روز آفيسن تي ٽن هزارن جي نوڪري لاءِ درخواستون جمع ڪرائيندڙ عوام جو حصو آهيان.
خدا جي هن خلقيل جهان ۾ اربين ماڻهو آهن. هر ڪو ماڻهو هئڻ جي باوجود به هڪ الڳ ”ڪيٽيگري“ جو هوندو آهي. ڪي ظالم، ڪي غنڊا ڪي لٽجندڙ مظلوم، ڪي حاڪم ڪي محڪوم، ڪي غاصب ڪي فاتح . . . ۽ نڄاڻ ڪيترا قسم آهن. پر سڀني ۾ هڪ ڳالهه مشترڪ آهي ته اُهي سڀ ماڻهو آهن. هر ڪنهن وٽ ننڍپڻ ۾ جڏهن ٻاتيون ٻوليون ڪندا هئا تڏهن ننڍڙا ننڍڙا ۽ معصوم خواب هوندا هئا. جڏهن وڏا ٿيا تڏهن سماج جي بي رحم روين سندن معصوميت
کسي ورتي. سندن خوابن ۾ معصوميت بدران بي رحمي ڇانئجي ويئي. اُهي ڪامياب ٿي ويا.
۽ جيڪي ماڻهو وڏا ٿيڻ باوجود به پنهنجن خوابن ۽ امنگن ۾ بي رحمي سمائي نه سگهيا، سي مظلوم بڻيا، محڪوم بڻيا. ۽ هر دور ۾ لٽجندا رهيا.
برسات کي پئي اڌ ڪلاڪ ٿي چڪو آهي، پر منهنجي ڪمري ۾ اڃان به ڇت ٽِمي رهي آهي. ۽ ايڪويهين صديءَ جي جديد دور ۾ ٽين دنيا جي غريب ديس جو هڪ نوجوان ڪمپيوٽر جي ڪيبورڊ تي ڪجهه لکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. سندس لکت ۾ ڪا به نواڻ نه آهي. ڪا به نئين شئي نه آهي. نه لفظن جي بناوٽ، نه خوبصورتي. ٻاهر نهاري ٿو. . . گهر ۾ بيٺل پاڻي ڏسي ٿو. . . ۽ سوچي ٿو، لکي ٿو ۽ پبلش ڪري ٿو.